تذڪره مخدومان هالا

تذڪره مخدومان هالا

تذڪره مخدومان هالا

تذڪره مخدومان هالا (ڪتاب ):هالن جي نامور مخدومن جو هي تذڪرو مخدوم جميل الزمان جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هالا جي مخدومن (1790 کان 1944ع) جو احوال درج آهي. مخدوم نوحرح جي فيض، مريديءَ، درگاهه ۽ خاندان سان وابسته سڀني بزرگن جي زندگين ۽ ڪرامتن بابت هن ڪتاب ۾ مفصل روشني وڌل آهي. ان کان سواءِ مخدوم صاحبن جي لکيل نسخن، واقعن ۽ شعر و سخن جو بيان ۽ 74 ناياب تصويرون به هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هي تذڪرو مصنف ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهرين حصي ۾ خاندان جي پس منظر سان گڏوگڏ حضرت مخدوم نوح جو احوال پڻ ڏنل آهي، ان کانسواءِ حضرت ابوبڪر صديقرضه، حــضــرت ابــوالقاسمرضه، حضــرت عثــمان غــنيرضه، حضــرت ابو عبدالرحمان قاسمرضه ۽ شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي جو احوال پڻ موجود آهي. حصي ٻئي ۾ مخدوم امين محمد ثالث، مخدوم زمان سرڪار، مخدوم محمد ظهير الدين ۽ مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جو مڪمل احوال ۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين بزرگن جو احوال پڻ موجود آهي. تذڪري ۾ ٻن حصن کانسواءِ حاشيا، ضميما ۽ شجرا پڻ وڏي محنت سان ترتيب ڏنل آهن، آخر ۾ مددي ڪتابن جي فهرست سان گڏوگڏ انڊيڪس به ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. پڪي جلد ، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 610 صفحا آهن ۽ قيمت 250 رپيا آهي. هي ڪتاب طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو